رڪ عبدالله

رڪ، عبدالله: گھوٽڪي ضلعي جي تعليمدان ۽ سماجي اڳواڻ استاد عبدالله خان ولد حاجي خان رڪ، جون 1938ع ۾ گھوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ شادي خان رڪ ۾ جنم ورتو، فائنل تائين تعليم ڳوٺ کڏواري جي اسڪول مان پڙهيو، قرآن مجيد جي تعليم والد کان ورتائين. هو پڙهڻ ۾ محنتي ۽ هوشيار هوندو هو. هن مئٽرڪ جو امتحان تمام سٺين مارڪن سان پاس ڪري 1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. ننڍپڻ کان ئي صوم صلوات جو پابند رهيو.
استاد عبدالله رڪ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد طور ڪئي. شروع ۾ انگريزي استاد مقرر ٿيو ۽ خيرپور، سکر ۽ گھوٽڪيءَ جي اسڪولن ۾ پڙهايائين. مختلف ڪورس ۽ ٽريننگون ڪري، ترقي ماڻي هيڊ ماستر مان ايس. ڊي. او ٿيو. ان دوران هن آسپاس جي ڳوٺن ۾ بوائز توڙي گرلس اسڪول کولرايا، وڏي تعداد ۾ علائقي جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي استاد مقرر ڪرايو. ان کان پوءِ برٽش ڪائونسل جي تعاون سان يونيورسٽي آف سسيڪس برطانيا مان ڪورس ڪري 1997ع ۾ سکر ريجن ۾ تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو. اهڙيءَ طرح هن تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي پاڻ پتوڙيو ۽ نوجوانن ۾ تعليمي شعور بيدار ڪيو. هن 1998ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيو، پوءِ عمارا اسڪول گھوٽڪيءَ جو پرنسپال مقرر ٿيو. (جيڪو هن وقت لا ڪاليج به سڏجي ٿو.) ڪجھه عرصو سياست ۾ به رهيو ۽ سياسي حوالي سان گھوٽڪيءَ جي مهر سردارن سان لاڳاپيل رهيو، جنهن تحت پهريون ڀيرو يوسي رڪ جو ناظم ۽ ٻئي ڀيري ضلعي گھوٽڪيءَ جو نائب ناظم چونڊيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو